ٽالپر مير امام بخش خان جو لکايل رسالو

ٽالپر، مير امام بخش خان جو لکايل رسالو: هي رسالو سنه 1270هه بمطابق 1853ع ۾ محمد حافظ نالي ڪاتب، ڳوٺ لتڻي (تعلقو هالا) جي مير امام بخش خان ٽالپر لاءِ لکيو، جيئن آخر ۾ هيٺين عبارت مان ظاهر آهي:
”تمت تمام شد رساله سندهي لذيذ فقير مسڪين اضعف عبادالله محمد حافظ عفي عنه تحرير 29 شعبان 1270 هه واقع مڪان لِتڻي بموجب فرمائش اقبال نشان سڪندر طالع نوشيروان جوان سال عمر خضر عالي مڪان ميان امام بخش خان ٽالپر.“
سر ڪلياڻ سان شروع ٿيندڙ هن رسالي ۾ 34 سر، 3200 بيت ۽ 215 وايون شامل آهن، پر جيئن ته وچان ڪي ورق کٽل آهن، تنهنڪري بيتن ۽ واين جو اصلوڪو تعداد وڌيڪ هوندو. ڪاتب سڄي رسالي جي حاشين ۾ بيتن جون ٻيون لکڻيون توڙي سربستا بيت لکيا آهن، جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته هن پنهنجي لکيل نسخي کي ڪنهن ٻئي نسخي سان ڀيٽيو هو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو